ٽياڪر ٽياڪڙ

ٽِياڪُرُ/ ٽِياڪُڙ: ٻن ڌرين جي وچ ۾ پئي نبيرو ڪندڙ ٽيون ماڻهو. ”ٽياڪڙ“ جي لاءِ سنڌ ۾ جدا جدا اصطلاح ڪم آڻيندا آهن، ڪي سٺي ۽ صلح جو معنيٰ ۾ ته ڪي وري طنزيه معنيٰ ۾ استعمال ڪندا آهن. پر ”ٽياڪڙ“ اڪثر سٺيءَ معنيٰ ۾ ڪم آڻبو آهي، جو اهو اڻ ڌريو ٿي غير جانبداريءَ ۽ نيڪ نيتيءَ سان صلح ڪرائيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو